اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندر مالي سال دورن فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس وصولي جو ٽارگٽ پورو ناهي ٿي سگهيو. جولاءِ کان فيبروري تائين 8 مهينن ۾ ٽيڪس مقرر ڪيل ٽارگٽ کان 484 ارب روپيا گهٽ وصول ٿي آهي. ڊان نيوز موجب ان عرصي دوران ٽيڪس وصولي جو ٽارگٽ 32 کرب 9 ارب روپيا هو پر وصولي27 کرب 25 ارب روپيا ٿي آهي.

هلندڙ سال جي ٽارگٽ کان ته هي گهٽ آهي پر گذريل سال جي وصول ٿيل ان عرصي واري رقم 223 کرب 42 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 16.35 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال 4 لک ماڻهن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڪس رٽرن گهٽ جمع ڪرايا آهن. چيئرمين شبر زيدي جي غيرمعينه مدت تائين موڪل ۽ سينئر آفيسرن جا عهدا خالي هئڻ سبب ٽيڪس وصولي جو ٽارگٽ متاثر ٿيو آهي.










