ليورپول(ويب ڊيسڪ)ٽينس جي دنيا تي راڄ ڪندڙ راجر فيڊرر ٽينس کي الوداع چئي نم اکين سان ڪورٽ ڇڏي ڏنو.ٽينس جي عظيم ۽ 20 گرانڊ سلم ٽائيٽل کٽيندڙ راجر فيڊرر کي آخري ڀيرو ليور ڪپ ۾ ايڪشن ۾ ڏٺو ويو، ليور ڪپ ۾ ندال ۽ فيڊرر جي جوڙي جان ساڪ ۽ فرانسس ٽيافو هٿان هارائي وئي.ميچ جي پڄاڻي تي فيڊرر جذبات تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ ڪورٽ ۾ پنهنجي زال، ٻارن ۽ ساٿين کي ڀاڪر پائي روئي پيو.رافيل نڊال به پنهنجي ٽيم جي ساٿي جي وڃڻ تي حيران ٿي ويو.ميچ جي پڄاڻي تي ڳالهائيندي راجر فيڊرر چيو ته اڄ تمام سٺو ڏينهن رهيو، مان خوش آهيان.










