ٽيم جي ڪرائسٽ چرچ آمد،سيءُ هئڻ سبب  رانديگر گرم ڪپڙا پائڻ لڳا

ٽيم جي ڪرائسٽ چرچ آمد،سيءُ هئڻ سبب رانديگر گرم ڪپڙا پائڻ لڳا

ڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاهور روانگي کان فوري پوءِ ڪرائسٽ چرچ ۾ مختلف موسمن کي منهن ڏئي رهي آهي.اڄڪلهه ڪرائسٽ چرچ ۾ موسم سرد آهي، گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ٻه ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو آهي.ڪرائسٽ چرچ ۾ اڄ به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جڏهن ته سڀاڻي به برسات، ٿڌي موسم ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسم جي لحاظ کان، پاڪستاني ٽيم شام جي ميچن دوران سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو.ٽريننگ شيڊول نه هجڻ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ هوٽل ۾ رهندي. ٽيم جو پهريون ٽريننگ سيشن سڀاڻي تي شيڊول ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق ميچ کان اڳ واحد ٽريننگ سيشن به برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو