واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر جي سي اي او ايلون مسڪ صارفين جي تصديق ٿيل اڪائونٽن مان بليو ٽِڪ هٽائڻ جي آخري تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.ايلون مسڪ ان تاريخ جو اعلان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته بليو ٽِڪ کي هٽائڻ جي آخري تاريخ 20 اپريل آهي.ايلون مسڪ پهرين اپريل تي اڪائونٽس تان بليو ٽِڪ هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ ان کي نه هٽايو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئٽر تي تصديق ٿيل اڪائونٽن يعني بليو ٽڪ وارن صارفين کي چيڪ مارڪ رکڻ لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي.ٻئي طرف وائيٽ هائوس ۽ آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن ۽ ادارن پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ لاءِ هر مهيني 8 ڊالر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن مطابق ٽوئيٽر جي سبسڪرپشن سروس ٽوئيٽر بليو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.Twitter بليو جي فيس هر ملڪ ۾ مختلف آهي، جيڪا آمريڪا ۾ هر مهيني 8 کان 11 ڊالر آهي.










