واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف تباهه ڪن اقتصادي پابندين جو اعلان ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته هو تيل جي اسمگلنگ سميت ايران سان هر قسم جو اقتصادي تعلق ختم ڪري، ٻي صورت ۾ سنگين معاشي نتيجا ٻوڳڻا پوندا. آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي بيان جاري ڪندي چيو ته هو ايران خلاف تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ تباهه ڪن معاشي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪري رهيو آهي.پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته اسين چاهيون ٿا ته اسان جا اتحادي اسان سان گڏ بيهن ۽ ايران کي اڪيلو ڪري شڪست سان دوچار ڪن. صدر ٽرمپ چيو ته ڪو به ملڪ جيڪو پنهنجي مالي ادارن، ڪاروبارن، هوائي اڏن ۽ سرڪاري ادارن کي ايران لاءِ لائف لائن بڻجڻ جي اجازت ڏيندو، ان کي سخت معاشي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. تيل جي اسمگلنگ، ڪيش جي منتقلي ۽ فرنٽ ڪمپنين کي فوري طور تي روڪڻو پوندو. هن ملڪن کي خبردار ڪندي چيو ته هي هڪ ”اقتصادي ڊي-ڊي“ (Economic D-Day) هوندو. ڪنهن به ايران کي معاهدي لاءِ ايترا موقعا ناهن ڏنا جيترا اسان ڏنا، پر افسوس جو ايران انهن کي قبول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هاڻ ايران خلاف اهڙو تباهه ڪن آپريشن ڪيو پيو وڃي جو اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو، جنهن سان ايران عالمي سطح تي بيحد اڪيلو ٿي ويندو. ٽرمپ چيو ته اهي تاريخي قدم ايران کي فلج ڪري ڇڏيندا ۽ هو دنيا ۾ دشتگردي پکيڙڻ جي اهل نه رهندو، جڏهن ته ايران ڪڏهن به ائٽمي هٿيار حاصل ڪري نه سگهندو. آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران جي بحريا، فضائيا ۽ سندس فوجي فئڪٽريون تباهه ڪيون ويون آهن، ايراني ڪرنسي بي قدر ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال سان منهن ڏئي رهيو آهي. خبري ايجنسيءَ موجب ٽرمپ اها وضاحت ناهي ڪئي ته ايران جي معاشي مدد ڪندڙ ڪنهن ملڪ خلاف ڪهڙا خاص قدم کنيا ويندا ۽ نه ئي هن ڪنهن ملڪ جو نالو ورتو آهي.










