ٽرسٽ ڪيس، جواب نيب ۾ جمع،شهزاد سان معاملا خراب هئا:شيخ

ٽرسٽ ڪيس، جواب نيب ۾ جمع،شهزاد سان معاملا خراب هئا:شيخ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊ بابت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب طلبي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو وڪيل سردار شهباز خان نيب ۾ پيش ٿيو ۽ اڳوڻي وزير طرفان جواب نيب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. شيخ رشيد طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينه ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جو معاملو جڏهن آيو ته مان ڪابينه اجلاس ۾ موجود نه هئس. ڪابينه ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس اچڻ کان اڳ ڪابينه اجلاس ڇڏيو ويو هئس.شيخ رشيد پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته مون وٽ القادر ٽرسٽ ڪيس بابت ڪوبه ثبوت يا انفارميشن نه آهي. اهو معاملو ڪابينه ۾ اچڻ وقت ان وقت جي احتساب واري وزير شهزاد اڪبر سان لاڳاپا صحيح نه هئا. شهزاد اڪبر سان منهنجي ان ڏينهن دوران ڪابه ڳالهه ٻولهه نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو