غوثپور۔ (ن س) غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي قمبراڻي لاڙو واري علائقي ۾ پنھنجي ڳوٺ کان ڪنڌڪوٽ پورھيو ڪرڻ لا۽ ويندڙ نوجوان واحد بخش بھلڪاڻي جي چنگچي ريڙھي جو سامھون ايندڙ تيز رفتار ٽرالر سان زور دار ٽڪر ٿي پيو ۽ ٽرالر ريڙھي جي مٿان چڙھي ويو۔ ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور پنجٽيھن ورھين جو نوجوان واحد بخش بھلڪاڻي تڏي تي فوت ٿي ويو ۔جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو۔ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ڪري ڇڏي آهي۔ فوتي جو مڙھ آسپاس ۾ بيٺل ماڻهن ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔ ٻئي پاسي حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي۔










