ٽائر ڦاٽڻ سبب تيز رفتار بس ڪلٽي 3 فوت 17 زخمي

ٽائر ڦاٽڻ سبب تيز رفتار بس ڪلٽي 3 فوت 17 زخمي

جيڪب آباد (ن س) صدر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عطر ڀنگر ڀرسان ٽائر ڦاٽڻ سبب تيز رفتار بس ڪلٽي ٿي پئي. جنهن سبب 2 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي سميت 3 جھڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن. اسپتال ذريعن موجب 3 لاش ۽ 17 زخمي آندا ويا آهن. زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. بس مانجھي پور کان جيڪب آباد اچي رهي هئي ته حادثو پيش آيو. فوتين ۾  55 ورھين جي گلان زال حمل رند، 35 ورھين جي ارباب خاتون زال نقيبو جکراڻي ۽ ھڪ 8 ورھين جي ٻارڙي فوت ٿي ويون.

جڏهن ته  زخمين ۾ علي مراد پنھور، ماھ بيبي مرھٽو، گل بيبي مرھٽو، عائشه جکراڻي، گل محمد جکراڻي، مريم جکراڻي، امام خاتون رند، عرض محمد جکراڻي، حبيبان جکراڻي، بصرالدين جکراڻي، الھڏني ٽالاڻي ۽ ٻيا شامل آهن. بس ڪلٽي ٿيڻ سبب مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ڀر پاسي پوک ۾ ڪم ڪندڙ ۽ رستي ايندڙ ويندڙن جو وڏو انگ جمع ٿي ويو جن زخمين ۽ ڦاٿل مسافرن کي ڪڍي ورتو.  

پهنجو تبصرو موڪليو