ٻٽي محنت ڪري رهيو آهيان: بابر اعظم

ٻٽي محنت ڪري رهيو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي مونکي پنهنجن فاسٽ بالرن تي اعتماد آهي هو هر ڪنڊيشن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا، جڏهن ته ٽيسٽ ۾ ٻٽي محنت ڪري رهيو آهيان ته جيئن منهنجي رينڪنگ ان فارميٽ ۾ به وڌيڪ بهتر ٿئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعطم سريلنڪا جي دوري بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان سريلنڪن ڪنڊيشن لاءِ تيار آهيون، سريلنڪا ۾ پاڪستاني ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي رهي آهي. بابر اعظم چيوته اسان کي وڪيٽون وٺڻيون آهن ۽ ان تي ئي ڌيان ڏيڻو آهي، سريلنڪا جي وڪيٽن ۽ اسپنرن موجب سوئيپ تي پڻ ڪم ڪيو آهي، ٽيسٽ ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، هڪ ٽيم طور حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ته اتي ڪيئن کيڏڻو آهي ۽ اسان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به پٽڙي تي اچي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته اسپنرن وارو شعبو مضبوط آهي، ياسر شاهه واپس آيو آهي، سريلنڪا ۾ اسپنرن کي مدد ملندي، جڏهن ته فاسٽ بالرن پڻ اعتماد آهي، اهي هر ڪنڊيشن ۾ سٺو پرفارم ڪري سگهن ٿا، ڏکي صورتحال ۾ چئلينج هوندا آهن تنهنڪري ان موجب پاڻ کي تيار ڪري رهيا آهيون. بابر اعظم چيو ته اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ڪئمپ ۾ فاسٽ بالرن کي همٿايو، شان مسعود جيڪڏهن ڪامبينيشن ۾ فٽ ٿيو ۽ ضرورت پئي ته کيس ضرور کيڏايو ويندو، ساجد خان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان به محسوس ڪري رهيو آهيان ته کيس اسڪواڊ ۾ هئڻ گهرجي، ٻيا اسپنر پڻ سٺا آهن ۽ هو ايڪشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته مان ٽيسٽ ۾ ٻٽي محنت ڪري رهيو آهيان ته جيئن منهنجي رينڪنگ ان فارميٽ ۾ به وڌيڪ بهتر ٿئي، بگ بيش ۾ اڃا پري آهي، اسان جي پنهنجو ئي ڏاڍو مصروف شيڊول آهي تنهنڪري في الحال ان بابت ناهي سوچو .

پهنجو تبصرو موڪليو