ٻين صوبن مان ايندڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريو، عيساڻي

ٻين صوبن مان ايندڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريو، عيساڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليو ڊراپس مهم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن (ر) عبدالستار عيساڻي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليو ڊراپس مهم جي شروعاتي تيارين ۽ ٻين ضروري قدمن جو خاص حوالن تي مشتمل بريفنگ ۾ غور سان جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي آفيسرن ايجنسين، صحت، تعليم جي نمائندن سميت ڊيفينس ريزيڊنس سوسائٽي جي خانگي ادارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي دوران ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ پوليو ڊراپس مهم جي لاءِ انتهائي مضبوط ۽ موثر قدم کڻڻ ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت جهڙين ضرورتن کي ٻيهر ورجايو. هن چيو ته هن سال پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پوليو جو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ان جي ضرورت آهي. ٻين صوبن مان سنڌ ۾ ايندڙ مسافرن جي اهل ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽرانزٽ ٽيمن جي سمورن معاملن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، هن ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم کي وسيع ڪيو وڃي ۽ ان کي ڪامياب بڻايو وڃي. ، سڀني معاملن کي مربوط ۽ اثرائتو بڻايو وڃي. ان جو چوڻ هو ته مهم جي ڪاميابي جي لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ ڪوئي به اهل ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي. ڊي سي سائوٿ مذهبي قائدين ۽ رهنمائن کان درخواست ڪئي ته هو پوليو ڊراپس مهم جي اهل ٻارن کي ضرورت ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت جي پيغام کي هر سطح عام ڪن. ضلعي ڏکڻ ڪراچي ۾ آباد مختلف ڪميونٽيز کي پڻ هن گذارش ڪئي ته هو پوليو ٽيمز کي سپورٽ ڪن ۽ ايندڙ اچڻ واري مهم کي ڪامياب ۽ موثر بڻائن. ان جو چوڻ هو ته پاڪستان مان پوليو جهڙي بيماري جو خاتمو اسان جي گڏيل ذميواري آهي ان ڪري ان جي هر ڪم ۽ معاملن جي قدمن ۾ پنهنجي مڪمل تعاون کي هڪ قومي فرض سمجهي انجام ڏيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو