سکر(جئيرام داس )سکر ٻيلي کاتي جي رينجرس جي مدد سان ڪچي ۾ آپريشن جاري
سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي سکر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن خلاف رينجرس جي مدد سان آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڊي ايف او افتخار آرائين بڌايو ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي بااثرن جا قبضا آھن ، جيڪي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪچي جي علائقن ۾ وڃڻ ڏکيو ھو ان ڪري رينجرس جي مدد ورتي وئي ، ڊي ايف او ٻڌايو ته زمينن تي ڪيترائي ايڪڙ بيٺل فصل ختم ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم تي ھزارين ايڪڙ ايراضي تان قبضا ختم ڪيا ويا آھن ، زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ واري رپورٽ 16 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي .










