ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ تائين چين سان نه ويهنداسين، جيڪڏهن قرض وٺڻو پوندو ته کڻنداسين. بلوچستان جي وڏي وزير ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل گهرن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ڪئي وئي ته اهي ايندڙ 20 سالن تائين ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل نه هوندا.عبدالقدوس بزنجو چيو ته وسيلن جي کوٽ ٿيڻ نه ڏني ويندي، متاثرن جي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻايو ويندو.ان کان علاوه بلوچستان جي وڏي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو چين سان نه ويهندا جيستائين متاثرن جي نقصان جو ازالو نه ڪيو ويندو.










