ٺٽو(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تحت سڀ کان پهرين سنڌ صوبي جي برسات متاثر علائقن جي ماڻهن کي ريسڪيو ڪري کين کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، خيما، مڇر ڌانيون ۽ صحت جي سهولتن سميت ھر قسم جو رليف فراھم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن تہ جيئن کين مشڪلاتن کان بچائي سگهجي. هن چيو ته مون سميت ڪابينا جا سمورا وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجوده صورتحال ۾ عوام سان گڏ آهن ۽ انهن جي هر طرح سان مدد لاءِ هر وقت ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنهنجي عوام جو احساس آهي کين ڪنهن به صورت ۾ بي يارو مددگار نہ ڇڏيو ويندو ۽ هر ممڪن مدد سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٺٽو جي احاطي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، رسول بخش چانڊيو، مڪيش ڪمار چاولا، خاص مددگار صادق علي ميمڻ ۽ رياض حسين شاهه شيرازي، پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، عبدالحميد پنهور، غلام قادر پليجو، محمود عالم شاهه، امتياز قريشي، ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري، ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ ۾ هن ڀيري اٽڪل 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، سنڌ صوبي کي آفت زدہ قرار ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته منهنجي دوري جو مقصد علائقن ۾ پهچي عوام جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2010ع واري ٻوڏ دوران به پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايتن تي عوام جي مالي سهائتا لاءِ وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون هيون ۽ ھن ڀيري بہ برسات متاثر ماڻھن جي گهرن، فصلن، چوپائي مال سميت سمورن نقصانن جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن ته جيئن نقصان جي ازالي سان گڏو گڏ کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بہ شامل ڪري سندن مالي مدد کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته برسات متاثرن جي مدد لاءِ پي ڊي ايم اي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٻوڏ سٽيل ۽ پاڻي ھيٺ آيل علائقن مان ھنگامي بنيادن تي پاڻي جي نيڪال سميت ضلعي جي پُلن، روڊن، سرڪاري عمارتن سميت مڪمل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ ۾ ٻئي فيز تحت 28 آگسٽ تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل سموري صورتحال تي اليڪشن ڪميشن جي نظر آهي ۽ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ئي فيصلو ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت کاتي جي آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته هو ضلعي جي سمورن اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ نانگ جي ڏنگ جي ويڪسين ۽ گهربل دوائن سميت سمورين سهولتن جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي جڏھن تہ عوام کي مليريا ۽ ڊينگي جڏھن تہ چوپائي مال جي چاري سميت مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٺٽي ضلعي ۾ برساتن جي تباهڪارين ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي چونڊيل نمائندن سان گڏ برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ تباهڪارين بابت مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ ضلعن جي چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۾ ٿيل نقصانن جي جامع سروي رپورٽ پيش ڪن ته جيئن متاثرين جي نقصان جو جلد کان جلد ازالو ڪري سگهجي. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته ھو موجوده مشڪل صورتحال ۾ عوام سان گڏ بيهي هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت سرگرم رهن. ان موقعي تي چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي اڳواڻن ضلعي جي مختلف علائقن ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن جي وزيرن ۽ آفيسرن کي سمورا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ضلعي جي دوري دوران گهارو، گجو ۽ ٻين برسات متاثر ڳوٺن ۽ علائقن جو معائنو ڪري ٻوڏ جي صورتحال ۽ برسات متاثرن جي امداد ۽ ٻين انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي هن متاثرن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا ۽ لاڳاپيل اختيارين کي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا.










