اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته دنيا برساتن، ٻوڏ متاثرن سان همدردي ۽ عمران خان روز موسيقي جي محفل ڪري رهيو آهي.پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ بند ڪري، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران عمران خان جو جلسن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ شرمناڪ آهي.هن چيو ته ملڪ جو وڏو حصو برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻڏل آهي پر عمران خان کي ڪا ڳڻتي ناهي، عمران خان جلسن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو؟










