ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا اداراگڏجي ڪم ڪن : مراد شاهه

ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا اداراگڏجي ڪم ڪن : مراد شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻوڏ صورتحال ۽ متاثرن جي مسئلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي. عملدارن وڏي آگاهي ڏني ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ورهائڻ لاءِ 15 لک خيمن ۽ 15 لک ترپالن جي ضرورت آهي وڏي وزير هدايت ڪئي ته صحت، خوراڪ، زراعت، بحلي، لائيو اسٽاڪ ۽ آبپاسي کاتا گڏجي حڪمت عملي جوڙين. جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي انتظامن، متاثرن جي بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ به گڏجي ڪم ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سمورا ادارا ڪم تيز ڪن ته جيئن ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. انجنيئرنگ ڪور پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دادو-مورو پل تي لوڊ مئنجيمنٽ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن پل کي نقصان نه ٿئي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 10سيپٽمبر تائين صورتحال بهتر ٿي ويندي. بريفنگ ۾ انجنيئرنگ ڪور جو چوڻ هو ته درياهه مان وهڪرا گهٽ ٿيندا ته پاڻي ڪڍڻ ۾ آساني ٿي ويندي جڏهن ته آبپاشي کاتي جو آگاهي ڏيندي چوڻ هو ته ايف پي بند 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ ڇهه فٽ بلند ٿيو آهي. آبپاشي کاتي موجب ايف پي بند کي چار ۽ سپريو کي چار گهارا پيا جڏهن ته سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو