سجاول/ ٿاڻو بولا خان (نمائندن وٽان ) سجاول ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪرٿي پيو، حادثي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. سيد پور وٽ حادثي ۾ ڪراچي واسي منير، مدثر ۽ هڪ نوجوان فوت ٿي ويا ، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، زخمي کي اسپتال نيو ويو. ٻئي طرف ٿاڻو بولا خان لنڪ روڊ جي چاڙهي تي مزدا ڪلٽي ٿي پئي،عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گبول برادري جا ماڻهو ٽنڊوالهيار کان ٽڪو بارڻ لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، زخمين ۾ فاطمه، لائبا، صفيا، گلناز، عابده ،جاويد،شهزاد ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










