ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، جيلر فوت 3 ٻيا زخمي

ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، جيلر فوت 3 ٻيا زخمي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)گريڊ اسٽيشن ويجهو انڊس ھاءِ وي تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪرجي نتيجي ۾ ڪنڌڪوٽ جوڊيشنل لاڪپ جو جيلر اشرف ڀٽو سميت 4 ڄڻا امان الله. رفيق ۽ خداداد مزاري زخمي ٿي پيا اھڙو اطلاع ملڻ شرط ڊي.سي ڪشمور منورعلي مٺياڻي سميت پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري زخمين کي طبي امداد لاء ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي جيلر اشرف ڀٽو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ۽ زخمين کي فوري طور لاڙڪاڻي اماڻيو ويو.جڏھن ته فوتي جيلر اشرف ڀٽو جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو