مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)تعلقي اسپتال ۾ ٻن ايم ايس ۾ تڪرار لکين روپين جي بجيٽ جي جانچ لاء ڊي ايڇ او دادو اسپتال پهتو معاملي کي ميڊيا کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسپتال ۾ خرچ ڏيکاريل ڪروڙين روپين جي بجيٽ بابت ڪرپشن جون خبرون ميڊيا ۾َ اچڻ تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ جي حڪم تي ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ مانجهند اسپتال پهچي انڪوائري ڪئي جنهن ۾ ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ ۽ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نذير سولنگي کي رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو 5 ڪلاڪن جي جانچ ۽ پڇا ڳاڇا بند ڪمري ۾ ڪئي وئي ميڊيا کي جانچ بابت ڪجه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو جانچ لاء مقرر ڊي ايڇ او دادو جاويد ڏاوچ ٻڌايو ت 18 مهينن جي بجيٽ جي جانچ ڪري رپورٽ ڊي جي حوالي ڪندس جتان جلد ميڊيا کي به رپورٽ ڏني ويندي ذريعن موجب گذريل 6 مهينن ۾ ٻنهي ايم ايسز جي دور ۾ 94 لک روپيا بجيٽ ڪڍرائي وئي جنهن ۾ مريضن کي ماني کارائڻ ۽ ايمبولنس جي تيل اخباري بلن جي مد ۾ فرضي بل ٺاهي وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن ڪئي وئي جنهن ۾ ٻئي ايم ايس هڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي رهيا آھن. هوڏانهن وڏي پئماني تي ڪرپشن جي انڪوائري جو ٻڌي ڪيترائي شهري جاچ ٽيم آڏو دانهيندا رهيا ته اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان آهي، ڪنهن مريض کي ماني ته پري جي ڳالهه آهي دسپرين به نٿي ملي. ايمبولينس سدائين ذاتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي مريض چنگچي رڪشن تي خوار ٿيند آهن. انڪوائري آفيسر کين ٻڌايو ته هو صرف بجيٽ خرچ جي جانچ ڪري رهيو آھي.










