ڀريا سٽي (ن سنڌيار) ٻارڙن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس آبزرور ضلعي نوشھرو فيروز طرفان المصطفي اڪيڊمي ڀرياسٽي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي ان سلسلي اڳواڻن محمد قاسم جوڻيجو محمد حيدر ۽ محمد حسن جوڻيجو خطاب ڪندي چيو تـ معاشري ۾ ننڍن ٻارڙن جا بـ وڏن ماڻھن جيترا حق آھن ٻارن کي بـ آزادي تعليم ھنر سميت سماجي برابري ملڻ گھرجي ۽ اها وقت جي ضرورت به آهي. ھنن چيو تـ ٻارڙن تي غير انساني تشدد ۽ جبري پورھئي خلاف اسان سڀني کي آواز اٿارڻ گھرجي ننڍي عمر ۾ شادي جنسي حراسمينٽ سميت تشدد خلاف اسان سڀني تي اھو فرض ٿو ٿئي تـ نـ صرف پنھنجي پر آسپاس جي غريب مسڪين ۽ بي پھچ ٻارن جو بـ خيال رکون اگر اسان ايئن نـ ڪنداسين تـ پو۽ اسان جا ٻار مستقبل جا انجنيئر ڊاڪٽر ڪيئن بڻجي سگھندا ھنن وڌيڪ چيو تـ پنھنجي ٻارن سميت آسپاس جي ٻارن کي بھتر مستقبل تعليم ۽ صحت سميت سماجي برابري ڏني وڃي ۽ ان لا۽ انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس پاڻ پتوڙي رھي آھي اسان جو ساٿ ڏيو تـ جينئن ٻارڙن کي بـ پنھنجا حق اظھار جي آزادي بھتر تعليم ڏياري سگھون.










