ٻئي آڊيو بعد عمران خان جي چهري تان نقاب هٽي ويو : شرجيل

ٻئي آڊيو بعد عمران خان جي چهري تان نقاب هٽي ويو : شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٻئي آڊيو اچڻ کانپوءِ عمران خان جي چهري تان نقاب هٽي ويو آهي، عمران خان پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، پنهنجي انا ۽ مفاد خاطر عمران خان ملڪي سالميت ۽ پرڏيهي لاڳاپا داؤ تي لڳائي ڇڏيا،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته هنن اقتدار جي لالچ ۾ قوم کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو آهي، حڪومتون هن کان اڳ به هٽايون ويون پر ڪنهن به اهڙو ڪم نه ڪيو جيڪو عمران خان ڪري رهيو آهي، هي ڪوڙو ڪوڙ آهي، صوبائي وزير چيو ته عمران خان شاهه محمود ۽ ٻين پنهنجي سياست ڪري قوم کي بيوقوف بڻايو، جيڪڏهن اها سازش هئي ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ ان ملڪ جي سفير کي ڇو نه گهرايو ويو؟ سفيرن کانپوءِ جنهن ملڪ جي سفير کي ريڊ ڪارپيٽ تي دعوت ڏني وئي آهي، ان ملڪ مان ماڻهن کي لابنگ لاءِ چونڊيو ويو آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته هو ڊڄڻو ماڻهو آهي، هن ملڪ جي ادارن کي نقصان پهچايو، اقتدار جي لالچ ۾ هو اڄ جج آڏو معافي گهرڻ آيو آهي.هن چيو ته آڊيو ليڪس تي پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته رڪارڊنگ نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم هائوس مان آڊيوز ٻڌڻ افسوسناڪ آهي.صوبائي وزير چيو ته هن وقت تائين حڪومت ٻوڏ جي نقصانن جو اندازو لڳائي رهي آهي، ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن تباهي وڏي آهي ته نقصان به وڌيڪ آهي، حڪومت هن وقت تائين 3 لک 42 هزار خيما ڏئي چڪي آهي. 1 لک 60 هزار خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي دورن ۾ ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪري رهيو آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ مختلف ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا، هاڻي اسان جو پرڏيهي وزير انهن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو