ٺڪراٺو (ن س )ٺڪراٺو ويجهو خانپور مهر مين روڊ تي موٽرسائيڪل واهه ۾ ڪري پئي جنهن سبب 3 نوجوان زخمي ٿي پيا. ڄام دلوش مهتم پل وٽ موٽرسائيڪل مبارڪپور مائنر واهه ۾ ڪري پئي جنهن سبب 3 نوجوان زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي نوجوانن ۾ اختيار، احسان ۽ عرفان اوڏ شامل آهن، ٻن زخمين عرفان ۽ احسان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.










