ٺري ميرواهه ٽائون ڪميٽي جي نااهلي،شهر پاڻي ۾ وڪوڙيل،احتجاج

ٺري ميرواهه ٽائون ڪميٽي جي نااهلي،شهر پاڻي ۾ وڪوڙيل،احتجاج

سيٺارجا(ن س)تعلقي ۽ ٽائون انتظاميا جي ڪرپشن ۽ ناھلي سبب ٺري ميرواه شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ٿي نہ سگھيو برساتن بند ٿئي هڪ مهينو گذري ويو پر سموري شهر اندر چار فٽ پاڻي بيٺل, سرڪاري ادارا سول اسپتال, ڪورٽون, ٿاڻو, اي سي آفيس, مخيتار ڪار آفيس, ڊگري ڪاليج , هاء اسڪول نادرا سينٽر, گرلز اسڪول, بئنڪن سميت شھر جي مکيہ بازار پاڻي هيٺ ,شهر کي ملائيندڙ سمورو روڊ رستا پاڻي هيٺ,شهر جو زميني رابطو ڪٽيل, ڪم ڪار سانگي گڏھ گاڏي جو سھارو وٺڻ تي مجبور, برسات جو پاڻي گندو ٿيڻ جي ڪري ڪيترن ئي وبائي مرضن منهن ڪڍيو, شهري بي يارو مددگار بڻيل, ڪروڙن جو ڪاروبار ختم ٿي ويو, دوڪاندارن ۽ واپارين جو سمورو سامان ڪرپٽ ڪامورن جي ناھلي ۽ ڪرپشن سبب لڙهي ويو چونڊيل نمائيندا بہ لڙي ڪونہ آيا, سموري تعلقي جو ڪاروهنوار ٽپ ٿي ويو, کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پئدا ٿي وئي, تفصيل موجب:خيرپور ضلعي جو اهم تجارتي شهر تعلقي هيڊڪواٽر جو درجو رکندڙ شهر ٺري ميرواه تعلقي ٽائون ۽ جونڊيل نمائندن جي بيحسي سبب هن وقت تائين برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل, برسات ختم ٿئي کي هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود شهر مان برسات جو پاڻي نہ نڪري سگهيو آھي جنهن جي ڪري شهر ۾ قائم سول اسپتال, ڪورٽون ,هاء اسڪول, گرلز هاء اسڪول, نادار آفيس, ٽائون ڪاميٽي ٿاڻو, پريس ڪلب, سميت سرڪاري توڙي نجي بئنڪون پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ جي ڪري سمور نظام درهم برهم ٿي ويو, آھي. جڏھن تہ شهر جي مکيہ شاھي بازار, ميرس ڪالوني لاشاري محلہ سميت اڪثر جڳهن تي چار فٽ پاڻي بيٺو آھي, جنهن جي ڪري ماڻھن جي ڪروڙن جو ڪاروبار ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ دنڪانن ۽ ڀانڊن ۾ رکيل ڪروڙين روپين جو سامان پڻ خراب ٿي ويو آھي جڏھن تہ پاڻي بيهڻ جي ڪري اڪثر گهر پڻ ڪري پيا آھن, ٻئي طرف اسپتال جي اندر پاڻي بيھڻ جي ڪري ماڻھو علاج لاء سخت پريشان آھن, شهر کي ٻين شهرن سان ملائيندڙ تقريبن روڊ رستا مڪمل طور تي پاڻي هيٺ آھن يا پاڻي جي تيز وهڪري ۾ روڊ ٽٽي ۽ اکڙي ويا آھن جنهن جي ڪري ٻين شهرن سان زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آھي,هن سموري صورتحال ۾ ضلعي انتظاميا پاڻي ڪڊرائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا نہ ڪيو آھي, نہ ئي وري ھڪ ڪروڙ روپيا ماھوار بجيٽ رکندڙ ٺائون انتظاميا ڪو ٻوٽو ٻاري سگھي ماھوار ايندڙ رقم ٽائون آفيسر ۽ ايڊ منسٽريٽر جي ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي ٿي. اڻ صورتحال ۾ تڪ جا چونڊيل نمائيندن بہ ميرواه شهر جي ڪا سار سنڀال لڌي آھي,جنهن جي ڪري هتان جا رهواسي بي يارو مددگار ويٺل آھن ۔ سڄاڻ ڌرين وزير اعلا سنڌ ۽ ڪمشڻر سکر سميت ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي تہ شھر اندر بيٺل برسات جو باني نيڪال جوڳا قدم کڻي اسان جي نڌڻڪي شھر کي بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو