ٺارو شاهه ڊگري ڪاليج ۾ لائبريري جو  افتتاح

ٺارو شاهه ڊگري ڪاليج ۾ لائبريري جو  افتتاح

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ )ٺاروشاھ ڊگري ڪاليج ۾ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ جي نالي سان لائبريري جي افتتاحي تقريب ھوشيار شاگرد ۽ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا, سيد نور محمد شاھ ڊگري ڪاليج ٺاروشاھ ۾ غريب نواز جي چيئرمين اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ جي فرزند احمد نواز ڀرٽ پاران سندس پيء جي نالي سان قائم ڪيل لائبريري جو افتتاع ڪيو جڏھن ته پوزيشن کڻندڙ شاگرياڻين ۽ شاگردن  کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم عبدالحق ڀرٽ جي فرزند احمد نواز ڀرٽ چيو ته سنڌ جي ٻھراڙين جا شاگرد جديد سهولتن جي کوٽ کي منھن ڏئي رهيا آھن تعليم کاتي پاران عدم دلچسپي سبب ٻھراڙين جا شاگرد تعليم جي حوالي سان پٺ تي پيل آھن انڪري ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته شاگردن کي سٺي تعليم ڏيڻ لاء اڳتي اچجي ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسيپال عبدالواحد ڏاڏو ڏاهري پروفيسر ڊاڪٽر نعمت لله سومرو پروفيسر اصغر ڀٽي ۽ ٻين پاران تقريب کي پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو