ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر زيلنسڪي روس سان جنگ ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي.برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ زيلنسڪي چيو ته اميد آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪي صدارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ روس ۽ يوڪرين جنگ جلد ختم ٿي ويندي ۽ نئين آمريڪي انتظاميه جنگ جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي. يوڪرين جي صدر جو چوڻ آهي ته هن آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ روس سان جنگ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.










