يوڪرين تي روس جو ميزائل حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

يوڪرين تي روس جو ميزائل حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين ۾ روسي ميزائل حملن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.يوڪرين جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته روس راڄڌاني ڪيف، وچ ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ ميزائل حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.اختيارين جو چوڻ آهي ته يومان جي وچ واري علائقي ۾ روسي ميزائل حملي ۾ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.ان کان علاوه مرڪزي شهر ڊنيپرو ۾ ميزائل حملي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار مارجي ويا، جڏهن ته ڪيف جي علائقي ۾ روسي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.يوڪرين جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايئر ڊفينس 21 روسي ميزائل ۽ 2 ڊرونز کيف جي آس پاس فضا ۾ ڪيرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو