يونيورسٽين ۾ شاگردن کي چانهه بدران لسي پيارڻ جي هدايت

يونيورسٽين ۾ شاگردن کي چانهه بدران لسي پيارڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) هاير ايجوڪيشن ڪميشن سڄي ملڪ جي يونيورسٽي کي چانهه بدران ستو ۽ لسي پيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڇ اي سي جي وقتي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائستا سهيل طرفان سمورن سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز کي لکيل هڪ خط ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل روايتي شربت جيئن لسي ۽ ستو کي استعمال جي تجويز ڏني آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته هي روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ ان ڪاروبار سان واڳيل ماڻهن لاءِ آمدني جا موقعا پيدا ٿيندا. خط ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته چانهه جي پيداوار کي مقامي سطح تي هٿي ڏني وڃي، ان سان قومي درآمدي بل ۾ چاهه تي ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائستا سهيل خط ۾ وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته معزز وائس چانسلرز روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، درآمدات کي گهٽائڻ ۽ معاشي صورتحال کي سولو بڻائڻ تي غور ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو