يونيورسٽي وائس چانسلر پروين شاهه احتساب عدالت مان بري

يونيورسٽي وائس چانسلر پروين شاهه احتساب عدالت مان بري

سکر(امداد علي ڪلوڙ) احتساب عدالت سکر شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروين شاھ ۽ ان جي پٽ  عديل شاھ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ داخل ريفرينس جي سماعت جي دوران نيب جي طرفان ثبوت ۽ شاهد پيش نه ڪرڻ تي ان کي الزامن کان بري ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران انهن تي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي فنڊن ۾ ڪروڙن روپين جي خرد برد ڪرڻ جا الزام هئا جڏهن ته  ان جي خلاف گذريل 2 سالن کان تحقيقات ٿي رهي هئي پر شاهديون نه ملڻ تي احتساب عدالت  ماءُ ۽ پٽ کي الزامن کان آجو ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو