سکر(امداد علي ڪلوڙ) احتساب عدالت سکر شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروين شاھ ۽ ان جي پٽ عديل شاھ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ داخل ريفرينس جي سماعت جي دوران نيب جي طرفان ثبوت ۽ شاهد پيش نه ڪرڻ تي ان کي الزامن کان بري ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران انهن تي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي فنڊن ۾ ڪروڙن روپين جي خرد برد ڪرڻ جا الزام هئا جڏهن ته ان جي خلاف گذريل 2 سالن کان تحقيقات ٿي رهي هئي پر شاهديون نه ملڻ تي احتساب عدالت ماءُ ۽ پٽ کي الزامن کان آجو ڪري ڇڏيو.










