ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان) پاڪستان ۾ يوم دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف چيو آهي ته ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوجون تيار آهن. ٻين پاران 1965 واري جنگ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ مِلي نغمو به جاري ڪيو ويو، پاڪ نيوي جي ڊاڪيو مينٽري به جاري ڪئي وئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته شهيد اسان جا هيروز آهن، صدر عارف علوي چيو آهي ته دشمن اسانجي اندروني استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ رڌل آهي،پنهنجي دفاع تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين،

خطي ۾ امن، سلامتي لاءِ سدائين مثبت ڪوششون ڪيون آهن. صدر عارف علوي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر1965 وارو جذبو به اڄ به دلين ۾ موجود آهي،55سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي دشمن جا ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا هئا، دفاع واري ڏهاڙي تي سڀني کي وچن ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي سلامتي،بهتري ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، هاڻي اسين معاشي خوشحالي واري رستي تي هلي رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته 55 سال اڳ اسان جي هيروز ملڪ لاءِ قربانيون ڏئي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملڪ جي سلامتي،خوشحالي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريوآهيون. مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي جتي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيدن جي يادگار تي گلن جي ڇادر ڇاڙهي سلامي ڏيندي فاتحه پڙهي.،

هن چيو ته قومي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ پوري قوم تي لازم آهي. رات 12 وڳي اسلام آباد ۾ شاندار آتش بازي ڪئي وئي ۽ آسمان رنگ برنگي ٿي ويو. فجر جي نماز بعد مسجدن ۾ قومي سلامتي جو دعائون گهريون ويون. نيول هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب کي ايڊمرل ظفر محمود شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي. ڪراچي ۾ قائد اعظم ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي جون تقريبون ٿيون.










