يوم القدس ۽ متوقع جمعة الوداع، اڄ سنڌ ۾ عام موڪل

يوم القدس ۽ متوقع جمعة الوداع، اڄ سنڌ ۾ عام موڪل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت اڄ يوم القدس ۽ متوقع جمعة الوداع جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. صوبي جا سڀئي سرڪاري آفيس ۽ سڀئي تعليمي ادارا اڄ بند رهندا.يوم القدس جي موقعي تي ڪراچي لاءِ ٽرئفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي. ٽرئفڪ پوليس چيو ته شهر جا مختلف رستا اڄ منجهند 12 وڳي کان بند رهندا.ٽرئفڪ پوليس موجب، بوٽ بيسن کان جناح پل ۽ مائي ڪلاچي تائين ٻئي رستا بند رهندا، پي آءِ ڊي سي کان جناح پل ۽ ايم ٽي خان روڊ تائين ٻئي ٽريڪ بند رهندا، ۽ بوٽ بيسن کان مائي ڪلاچي ڏانهن ايندڙ ٽرئفڪ کي يو ٽرن ڪري واپس موڪليو ويندو.ٽرئفڪ پوليس چيو ته پي آءِ ڊي سي کان جناح پل ڏانهن ايندڙ ٽرئفڪ کي کجور چوڪ ڏانهن موڙيو ويندو، ۽ جناح پل کان ايندڙ ٽرئفڪ کي آءِ آءِ چندري ڳڙهه روڊ ڏانهن موڪليو ويندو.ان دوران، اسلام آباد ضلعي انتظاميا پڻ اڄ تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد جا سڀئي تعليمي ادارا به بند رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو