يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ مالياتي معاهدي تي صحيحون

يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ مالياتي معاهدي تي صحيحون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ يورپي يونين (اِي يو) سومر ڏينهن 65 ملين يورو (تقريبن 75 ڪروڙ ڊالر) جي مالياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون. جن جو مقصد گلوبل گيٽ وي تحت سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، قانون جي بالادستي ۽ ڪاروباري ماحول کي مضبوط ڪرڻ ۽ توانائي توڙي ماحولياتي شعبن ۾ لچڪ ۽ مضبوط مزاحمت وڌائڻ آهي.
اقتصادي معاملن واري ڊويزن (اِي اَي ڊي) پاران جاري ڪيل بيان موجب، معاهدن تي پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رائيمنداس ڪاربولس ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري محمد همير ڪريم صحيحون ڪيون.
معاهدن تحت يورپي يونين مجموعي طور 65 ملين يورو (تقريبن 20.64 ارب رپيا) فراهم ڪندي، جنهن سان ٽي الڳ پروگرام شروع ڪيا ويندا: پاڪستان لاءِ گلوبل گيٽ وي ترقياتي سهولتڪاري پروگرام، خيبرپختونخوا ۾ توانائي ۽ قدرتي ماحول جي لچڪ وارو پروگرام ۽ پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ۽ ڪاروباري ماحول لاءِ يورپي يونين جي سهڪار جو پروگرام شامل آهن.
اهي منصوبا يورپي يونين جي 2021ع کان 2027ع تائين گهڻ سالا اعشاري پروگرام تحت فنڊ ڪيا پيا وڃن، جن ۾ پاڪستان جي ترقي جي ٽن اهم پاسن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
پهريون پروگرام، پاڪستان لاءِ گلوبل گيٽ وي ترقياتي سهولتڪاري، ماحولياتي منصوبن جي سيڙپڪاري جي انتظام ۽ مالي سهولتڪاري تي ٻڌل آهي. ان جو مقصد ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ حڪومت جي ڊگهي مدي واري مالي منصوبابندي کي مضبوط ڪرڻ ذريعي ملڪ ۾ وڌيڪ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ آهي.
ٻيو منصوبو، خيبرپختونخوا ۾ توانائي ۽ قدرتي ماحول جي لچڪ، انهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قابلِ تجديد توانائي کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي بجلي جي قومي گرڊ سان ڳنڍيل ناهن. ان تحت تربيت پڻ فراهم ڪئي ويندي، جيئن نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي ۽ خيبرپختونخوا جي توانائي شعبي ۾ نجي شعبي جي شموليت وڌائي سگهجي.
ٽيون پروگرام، جيڪو يورپي يونين جي اڳوڻي سهڪار کي اڳتي وڌائيندي شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ۽ ڪاروباري ماحول لاءِ يورپي يونين جي سهڪار تي ٻڌل آهي. ان جو مقصد خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن لاءِ پوليس، استغاثه، عدالتن ۽ قانوني امداد تائين رسائي کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي.
هن پروگرام تحت پنجاب ۽ سنڌ کي پڻ قانوني ڪيسن ۾ متبادل ۽ تجارتي تڪرارن جي حل واري نظام جي استعمال کي وڌائڻ لاءِ سهڪار فراهم ڪيو ويندو، ته جيئن يورپ ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي انهن صوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿئي.
اقتصادي معاملن واري ڊويزن چيو ته پاڪستان سان يورپي يونين جو ترقياتي سهڪار اقتصادي ترقي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي، انساني حقن ۽ قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال تي مرڪوز رهيو آهي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪريم يورپي يونين جي مسلسل سهڪار ۽ ڀائيواري کي ساراهيو. هن چيو ته اهي قدم وقتائتا آهن ۽ پاڪستان جي انهن مقصدن سان گهڻي مطابقت رکن ٿا، جن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ، خيبرپختونخوا جي بجلي جي قومي گرڊ کان ٻاهر وارن ٻهراڙي علائقن ۾ بجلي تائين بهتر رسائي فراهم ڪرڻ، ۽ قانون جي بالادستي توڙي تجارتي تڪرارن جي حل بابت معيار بهتر بڻائڻ شامل آهن.
سفير ڪاربولس چيو ته اهي معاهدا يورپي يونين جي گلوبل گيٽ وي جي اهم منصوبي تحت پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي مقصدن جي حمايت لاءِ يورپي يونين جي عزم جو ثبوت آهن.
هن چيو ته اهي معاهدا خيبرپختونخوا جي اختيارين کي وڌيڪ مضبوط ۽ موسمياتي تبديلين سميت مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل توانائي وارو شعبو ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ڏيندا، جڏهن ته قدرتي وسيلن جي پائيدار انتظام کي هٿي ڏني ويندي.
هن چيو ته، ”قانون جي بالادستي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي شهرين لاءِ انصاف تائين رسائي کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”ان کان علاوه پنجاب ۽ سنڌ کي عدليه، قانوني ماهرن، يونيورسٽين ۽ ڪاروباري برادري سان سهڪار ذريعي متبادل ۽ تجارتي تڪرارن جي حل واري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان جي سهڪار مان فائدو حاصل ٿيندو.“

پهنجو تبصرو موڪليو