لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 17 عورت ڪارڪنن جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 17 عورت ڪارڪنن جي نظربندي خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪندي سمورن ڪارڪنن جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي وزير ياسمين راشد جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صفدر سليم شاهد درخواستن تي فيصلو جاري ڪندي سمورن عورتن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










