اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڄي ملڪ ۾ وڪيپيڊيا سروس بحال ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف وڪيپيڊيا کي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.وزيراعظم آءِ ٽي واري وزير امين الحق جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.ڪميٽي هڪ هفتي اندر ان معاملي تي سفارشون وفاقي ڪابينا کي پيش ڪندي.واضح رهي ته پي ٽي اي 3 فيبروري تي پاڪستان ۾ وڪيپيڊيا کي بلاڪ ڪيو هو، وڪيپيڊيا کي توهين آميز مواد نه هٽائڻ تي بلاڪ ڪيو ويو هو.










