وڏيري جي سرنهن جي رکيل ٻج نوجوان جي زندگي کسي ورتي

وڏيري جي سرنهن جي رکيل ٻج نوجوان جي زندگي کسي ورتي

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) ڳوٺ گل محمد ڀيو ۾ وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ 17 سالن جي نواز عمراڻي کي دڙڪا ڏنا ته وڏيري جي سرنھن جو رکيل ٻج ڇو وڪرو ڪيو اٿئي جنهن تي ننڍي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي گھر ۾ پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. حد جي پوليس پھچي لاش کڻي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جي چاچي ارباب عمراڻي ٻڌايو ته وڏي ڀاءُ جي دڙڪن ملڻ کانپوءِ ڀائيٽي خودڪشي ڪئي آهي. پوليس موجب وڏيري جو 35 ڪلو سرنھن جو ٻج رکيل هو، جيڪو نوجوان وڪرو ڪيو ته وڏي ڀاءُ دڙڪا ڏنا جنهن تي نوجوان خودڪشي ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو