ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انڊس ڊيلٽا جي بحالي وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر مسٽر جولين هارنيس سان ملاقات دوران ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جو سنڌ ۾ سربراهه ڊاڪٽر آفتاب ڀٽي، گڏيل قومن جو سنڌ ڪوآرڊينيٽر عمران لغاري، آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي ”دي ليونگ انڊس انيشيٽو“ پروگرام تي غور ويچار ڪيو ويو. پروگرام تحت تجويز ڪيل 26 نقطن تي ڪم شروع ڪيو ويندو جن ۾ نون ۽ موجوده محفوظ علائقن جي پائيدار ترقي (صفر ڪاربن کان محفوظ علائقن سميت)، سنڌو درياهه ۾ زمين، پاڻي ۽ پکين لاءِ جيوت جي واڌويجهه جي بحالي، انڊس ڊيلٽا ۾ آبهوا جي بهتري لاءِ مضبوط ساحلي زون بڻائڻ، ڍنڍن جي تباهي واري ٻوڏ لاءِ ورتل اُپائن لاءِ جاگرافيائي پهچ ۾ توسيع، ٻوڏ تي ضابطي ۽ زميني پاڻي کي ريچارج ڪرڻ لاءِ ماحولياتي نظام تي ٻڌل طريقن ۽ گرين انفراسٽرڪچر تي عمل درآمد، واٽر شيڊ مئنيجمينٽ ذريعي انڊس واٽر شيڊز کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم، گندي پاڻي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، سنڌو درياهه جي ڪَپ وارن شهرن ۾ ٻيلا قائم ڪرڻ، انڊس ڊيلٽا ۾ مينگروو لاءِ ماحولياتي نظام جي حفاظت، ڪميونٽيز جي بحالي ۽ واڌويجهه، ماحولياتي تبديليءَ لاءِ سماجي ۽ ڪاروباري پروگرامن کي آسان بڻائڻ، گهٽ پاڻيءَ وارن علائقن ۾ پائيدار زراعت لاءِ انفراسٽرڪچر ذريعي وڌيڪ پاڻي دستياب ڪرڻ، مهاڻن جي پائيدار تحفظ لاءِ گورننس کي بهتر بنائڻ، سنڌو درياهه جي ماحولياتي تحفظ لاءِ قانوني ۽ ادارتي ميڪنيزم تيار ڪرڻ، سنڌو درياءَ لاءِ ڪميونيڪيشن ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪرڻ وغيره شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پروگرام تحت سنڌو درياهه جي قدرتي ماحول ۽ ايڪوسسٽم نظام کي بحال ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌوءَ درياءَ جي ماحول کي ضروري اُپائن ذريعي بهتر بڻايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انڊس ڊيلٽا جي بحالي به ضروري آهي ڇو ته ان سان آبي حيات کي هٿي ملندي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ڪوآرڊينٽر مسٽر جولين چيو ته صنعتي گدلاڻ کي بغير ٽريٽ جي درياهه ۾ ڇڏڻ تباهي هوندو. هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي پيئندڙ هر انسان کي ان جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مسٽر جولين وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا جي بحاليءَ لاءِ شروعات کان ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن گذريل ڏينهن سنڌ جي دوري دوران وزيراعظم سان سنڌوءَ درياهه جي بحالي ۽ سامونڊي مداخلت بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. اجلاس ۾ پروگرام کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










