ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير تعليم کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ 4 هزار 759 استادن ۽ آفيسرز جي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.ميڊيا رپورٽن موجب نيون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿينديون، سيڪريٽري تعليم نين ڀرتين جي حوالي سان پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن سفارش اماڻي ڇڏي آھي.نين ڀرتين ۾ 17 هين گريڊ جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ هڪ هزار 564 ڀرتيون ڪيون وينديون، 16 هين گريڊ ۾ هاءِ اسڪول ٽيچرز لاءِ 2 هزار 315 پوسٽون خالي آھن.ٽي سئو هيڊ ماسٽرز ۽ 17 هين گريڊ جا 580 تعلقي ايجوڪيشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ پڻ ڀرتي ڪيا ويندا.










