ووٽرن سان ملاقات دوران چاقو جي وار سبب برطانوي ايم پي قتل

ووٽرن سان ملاقات دوران چاقو جي وار سبب برطانوي ايم پي قتل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبر سر ڊيوڊ اِميس چاقو سان ڪيل حملي ۾ فوت ٿي ويو آهي. هو ايسٽ وڊ ۾ هڪ چرچ ۾ پنهنجي ووٽرن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ 25 سالن جي نوجوان ووٽري مٿس چاقو جا وار ڪيا. پوليس چاقو سميت جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. 69 سالن جو سر ڊيوڊ 1983 کان ڪنزرويٽو پارٽي جو ايم پي اي رهندو پيو اچي. 2016 ۾ ليبر پارٽي جي عورت ايم پي جو ڪوڪس کي برسٽل ۾ لائبريري ٻاهران قتل ڪيو ويو هو. 5 سالن ۾ هي ڪنهن به ايم پي جي قتل جو ٻيو واقعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو