سيٺارجا (ن سنڌيار)توهان ووٽ ڇو نه ڏنو , پ پ پ ايم پي اي جي يو آء جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن مٿان ڏمرجي پيو, ڳوٺاڻن مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل, گهرن مٿان پوليس ۽ بااثرن جي چڙهائي , گهرن جو تقدس پائمال, عورتن ۽ معصوم ٻارن مٿان وحشياڻو تشدد, ٻه نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيا, 15 ڪلاڪن بعد نوجوانن مٿان ٺري ميرواه ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو, ڳوٺاڻن مردن ۽ عورتن جو قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو, انصاف جي گهر تفصيلي خبر موجب ٺري ميرواه ٿاڻي جي حد ڳوٺ حماد آباد ۾ ڳوٺاڻن جي يو آء جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ مهانگو پئجي ويو تڪ جي پ پ پ ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ ۽ سندس واٺا پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيندڙ ڳوٺاڻن مٿان ڏمرجي پيو واقعي خلاف جي يو آء جي ڪارڪنن مرد ۽ عورتن رحمت خاتون, شهناز , مهناز خاتون, علي گوهر , پيربخش ڪٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي هتي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙهيو آهي ته 26 جون تي پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيڻ تي پ پ پ ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ پنهنجي ماڻهن سان ملي ڪري اسان جي نوجوانن مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي بااثر ايم پي اي ۽ سندس بااثر واٺي مشتاق ڪٻر ٻن نوجوانن مدثر ۽ حسيب الله ڪٻر کي رات جو گهر ايندي رستي مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو 15 ڪلاڪن بعد ٺري ميرواه پوليس جي يو آء جي ڪارڪنن مٿان چوري جو کوجي ڪتن جي مدد سان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گهرن مٿان پوليس چڙهائي ڪئي ۽ گهرن جو تقدس پائمال ڪيو ۽ عورتن ۽ معصوم ٻارن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي هنن چيو ته ٺري ميرواه پوليس سياسي ونگارو بڻيل آهي جيڪا هڪ ايم پي اي جي چوڻ تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي يو آء جماعت سان تعلق رکون ٿا ۽ اسان پنهنجي تڪ ۾ جي يو آء جي اميدوار کي ووٽ ڏنا آهن جنهن تي پ پ پ ايم پي اي ۽ سندس بااثر واٺا ڏمرجي پيا آهن ۽ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ايم پي اي اسان جي ڪارڪنن مٿان ڏمرجي ڪٿي انهن کي مارائي قتل نه ڪرائي ڇڏي هنن سپريم جي چيف جسٽس , آء جي سنڌ کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي جان ڇڏائي وڃي.










