ون ڊي سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، فخرالزمان

ون ڊي سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، فخرالزمان

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان آسٽريليا کان ون ڊي سيريز کٽڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته مهمان ٽيم ۾ سينئر رانديگر نه هجڻ باوجود سندن ڪامبينيشن بهتر آهي ۽ کين هلڪو نه وڄڻ گهرجي. آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي فخر زمان چيو ته ڪرڪيٽ ۾ وائيٽ بال ميچز ۾ اسين سٺي فارم ۾ آهيون ۽ رنسون ٺاهي رهيا آهيون جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي، ان سيريز ۾ ڀرپور پوائنٽس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن رينڪنگ بهتر ٿئي. هن چيو ته آسٽريلوي ٽيم ۾ وڏن نالن جي غيرموجودگي جو پاڪستان کي ضرور فائدو ٿي سگهي ٿو، سٺو هجي ها ته آسٽريليا جا وڏا نالا کيڏين ها، جڏهن ته وڏن رانديگرن جي غيرموجودگي ۾ به آسٽريلوي ٽيم کي آسانيءَ سان نه وٺندا. مون کي اميد آهي ته اسان وائيٽ بال سيريز جون سڀئي ميچون کٽينداسين. فخر زمان چيو ته هوم گرائونڊ جو اسان کي فائدو آهي پر آسٽريليا جو  به ڪامبينيشن سٺو آهي. سيريز لاءِ تيار ڪيل پچز تمام سٺيون آهن، لاهور جي پچن تي رنسون سٺيون ٺهنديون ۽ اسڪور 300 تائين وڃڻ گهرجي. ياد رهي ته 4 ميچز جي ون ڊي سيريز سڀاڻي کان لاهور ۾ شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو