وقتي چيئرمين نيب ۽ ڊي جي لاهور پي اي سي ۾ پيش، چيئرمين جي ڪاوڙ

وقتي چيئرمين نيب ۽ ڊي جي لاهور پي اي سي ۾ پيش، چيئرمين جي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيب جو وقتي چيئرمين ظاهر شاهه ۽ ڊي جي نيب لاهور شهزاد وسيم پيش ٿيا آهن ڪميٽي چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته اڳوڻو نيب چيئرمين ڇو ڊڄي رهيو آهي، هو ڪليئر آهي ته ڪميٽي اڳيان ڇو پيش نٿو ٿئي؟ ڊي جي نيب لاهور طيبه گُل تي الزام هڻندي چيو ته طيبه گُل خلاف 40 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن سينيٽر مشاهد حسين چيو ته طيبه گُل ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين پنهنجي آفيس جو ناجائز استعمال ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو