وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب، ڪابينا وفاقي گهرو وزارت کي ضابطي جي ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ياد رهي ته پنجاب حڪومت هڪ هفتو اڳ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي هئي. اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گهرو وزارت ڪابينا کي هڪ سمري موڪلي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي سيڪشن XI B1 تحت ٽي ايل پي تي پابندي جي تجويز ڏني وئي. سمري ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ايل پي تي نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، ٽي ايل پي فرقه وارانه انتهاپسندي ۽ تشدد ۾ ملوث آهي، ٽي ايل پي بين الاقوامي لاڳاپن کي خراب ڪيو آهي.چارج شيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ايل پي اقليتن خلاف تشدد ۾ ملوث آهي، ٽي ايل پي هجوم جي تشدد ۾ ملوث آهي، ٽي ايل پي نجي ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو، ٽي ايل پي هٿيارن جي تياري ۾ ملوث آهي، ٽي ايل پي محرم دوران شيخوپوره ۽ ميانوالي ۾ فرقه وارانه تشدد ڪيو، 70 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 5 مارجي ويا.چارج شيٽ موجب، تازي ٽي ايل پي احتجاج ۾ 6 ماڻهو زخمي ٿيا، هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ٽي ايل پي احتجاج ۾ 47 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، ڪجهه اهلڪار زندگي لاءِ معذور ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو