اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي 2 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت حڪمت عملي ۽ قانوني مشاورت ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيندي، اجلاس ۾ عدالتي سڌارن واري بل جي واپسي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ذريعي ان جي منظوري تي به غور ڪيو ويندو.










