شڪارپور (ن س ) وفاقي محتسب جي فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي گذري. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي هدايتن تي سيد محمود علي شاهه ريجنل هيڊ وفاقي محتسب سکر وفاقي محتسب جي 427 فيصلن تي تعميل رپورٽون جمع ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو. سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي سينيئر مئنيجمينٽ، مسٽر بشير احمد، چيف ڪمرشل آفيسر سيپکو ۽ مسٽر جاويد احمد عباسي، ڊپٽي مئنيجر ڪمرشل، سيپڪو سرڪل، سکر، ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻڌايو ته چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، سيپڪو، سعيد احمد وفاقي محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ سنجيده قدم کنيا آهن ۽ پنهنجي ماتحت عملدارن کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ته هو ايڇ ڊبليو ايم جي فيصلن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










