ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران گريٽرٿل ڪينال جي تعمير جي منظوري بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان ڪوٺايل گڏجاڻي جي عمل جي سخت مذمت ڪري ڇڏي ـ ان ڏس ۾ آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري اقتصادي معاملن واري ڊويزن پاران گريٽر ٿل ڪينال جي منظوري بابت ڪوٺايل گڏجاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيوته اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽري پاران گريٽر ٿل ڪينال جي اڏاوت بابت اجلاس سڏائڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، ھن چيو ته سنڌ حڪومت اقتصادي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪري ٿي ـ ھن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير بابت اجلاس سڏائڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي ـ ھن آبپاشي کاتي واري صوبائي سيڪريٽري کي سخت ھدايتون جاري ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي جو ڪو به آفيسر سنڌ حڪومت جي منظوري کان سواءِ گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير بابت ڪنهن به گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪندوـ ان ڏس ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ـ










