وزيراعظم ۽ مريم نواز ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، جائزو

وزيراعظم ۽ مريم نواز ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، جائزو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ روانا ٿي ويا آهن. وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو، جڏهن ته چيئرمين اين ڊي ايم اي مجموعي ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.وزيراعظم شهباز شريف کي پنجاب جي دريائن ۾ ٻوڏ ۽ ٻڏي ويل علائقن ۾ بچاءُ جي آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم ٻوڏ جي صورتحال کي روڪڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون.اختيارين موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير مريم نواز کي نارووال ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو