اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان(ايم ڪيو ايم پاڪستان) ۽ پيپلز پارٽي جي وفدن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 7 رڪني وفد جي قيادت پارٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪري رهيو هو، ملاقات ۾ 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوي، صحت وارو وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، جاويد حنيف خان، سيد امين الحق ۽ خواجه اظهارالحسن شامل هئا. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملاقات جي دوران 27هين آئيني ترميم تي غور ومشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، دفاع وارو وزير خواجه، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وزير احد خان چيمه، اطلاعات، نشريات وارو وزير عطاءُالله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وزير طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُالله به شريڪ هئا. هڪ ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان مطالبو ڪيو هو ته 27هين آئيني ترميم ۾ بلدياتي حڪومتون(لوڪل گورنمنٽس) کي خودمختاري ڏني وڃي جڏهن ته پيپلز پارٽي گڏيل ترميم جون اهم خصوصيتون سامهون رکيون هيون جن جي لاءِ(ن) ليگ جي حڪومت انهن کان حمايت گهري هئي.ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو هو ته 2010 جي ارڙهين ترميم جي تحت صوبائي خودمختاري ڏني وئي آهي، هاڻ ٻيو قدرتي مرحلو بلدياتي خودمختاري جو آهي، انهي ڪري انهي جو وارو اچڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾(ن)ليگ سان ڪيل انهي معاهدي جو حوالو ڏنو جنهن جو مقصد بلدياتي حڪومتن کي بااختيار بنائڻ هو، اهم ڳالهه جيڪا اسان 26هين ترميم جي وقت به چئي هئي ته اسان جو آئيني ترميمي پيڪيج انهي ۾ شامل ڪيو وڃي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ائين نه ٿي سگهيو هن مطالبو ڪيو ته اهو معاملو 27هين ترميم ۾ شامل ڪيو وڃي. 27هين آئيني ترميم تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ نئين آئيني ترميم جي شقن ۽ موقف تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ختم ٿيڻ کان پوءِ پ پ جو وفد نور خان ايئربيس طرف روانو ٿي ويو جيڪو خصوصي جهاز جي ذريعي ڪراچي ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪونسل جو اڄ شام 7 وڳي ڪراچي ۾ اجلاس ٿيندو اجلاس ۾ عرفان قادر، راجا پرويز اشرف، نويد قمر ۽ شيري رحمان به شريڪ ٿيندا.پ پ جي وفد سان ملاقات جي دوران وزيراعظم سان گڏ حڪومتي وفد ۾ اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ احسن اقبال شريڪ هئا، راڻا ثناءُالله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به موجود رهيا. وزيراعظم شهباز شريف سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ۽ مملڪتي وزير عون چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم تي ڳالهيون ۽ مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعطم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع واري وزير خواجه آصف، اعظم نذير تاڙ، احد خان چيمه، عطاءُالله تارڙ، طارق فضل چوڌري، راڻا ثناءُالله به شريڪ هئا.27هين آئيني ترميم تي مشاورت جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي وفد به وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب(ق) ليگ جي وفد جي سربراهي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪئي جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم تي مشاورت ڪئي وئي. (ق) ليگ جي چار رڪني وفد ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد الياس ۽ فرخ خان شامل هئا. اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميم تي ڳالهيون ۽ مشاورت ڪئي وئي.27هين آئيني ترميم تي مشاورت جي سلسلي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت وفاقي وزير خالد مگسي ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر محمد عبدالقادر، منظور ڪاڪڙ، ثمينه ممتاز ۽ دينش ڪمار شامل هئا. ذريعن موجب بي اي پي جي وفد وزيراعظم سان بلوچستان جي صوبائي، قومي اسيمبلي سيٽن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.










