اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي حڪومت پاران قائم ڪيل نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ اومي ڪرائون وائرس جي نئين ڍانچي جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جو نوٽيس ورتو آهي. هن هدايت ڪئي ته اين سي او سي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف قومي صحت واري وزارت کان موجوده صورتحال تي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.










