وزيراعظم پاران آزاد ڪشمير ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جو اعلان

تراڙ کل(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ آزاد ڪشمي کي پاڪستان جو صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه خبر ناهي ڪٿان آئي آهي. گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب ڪشميرين کي ريفرينڊم ذريعي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو انڊيا سان گڏ رهندا يا پاڪستان سان يا هو آزاد رهڻ چاهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪشميرين پاڪسان سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو ته به اسين ٻيو ريفرينڊم ڪرائينداسين ته ڪشميري پاڪستان سان الحاق چاهين ٿا يا آزاد رهڻ چاهين ٿا. آزاد ڪشمير ۾ 25 جولاءِ تي ٿيندڙ پولنگ لاءِ اڄ چونڊ مهم جو آخري ڏينهن آهي. تراڙ کل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اپوزيشن کي هڪ سال کان چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏئي رهيو آهيان، پر اپوزيشن وارا ٻڌن ئي ڪونه ٿا، اپوزيشن مان ڪير به چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ نٿو اچي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙو چونڊ نظام چاهيون ٿا جو هارائڻ وارو به نتيجن کي تسليم ڪري، ٽيڪنالوجي کانسواءِ ڪم نه هلندو. ڳالهين کان انڪار ڪندڙ اپوزيشن چونڊون ويجهو اينديون آهن ته ڌانڌلي جا الزام هڻندي آهي، نواز ليگ هاڻي کان الزام هڻي رهي آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي، آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي حڪومت آهي، اليڪشن ڪميشن سندن پسند جي آهي، ڌانڌلي جا الزام وري اسان تي هنيا وڃن ٿا، نواز ليگ اڄ تائين ڪوبه ڪم ايمانداري سان ناهي ڪيو.هن چيو ته نواز شريف جڏهن فنانس منسٽر ٿيو ته لاهور جيم خاني ۾ ٻن امپائرن سان گڏ ايندو ه، ڪمشنر ۽ ڊي سي، جڏهن هو آئوٽ ٿيندو هو ته امپائر نو بال قرار ڏيندوهو.

پهنجو تبصرو موڪليو