وزيراعظم پاران وزيرن کي مافيا سان منهن ڏيڻ جو ٽاسڪ

وزيراعظم پاران وزيرن کي مافيا سان منهن ڏيڻ جو ٽاسڪ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به مافيا جي حوالي سان آوازون ٻڌڻ ۾ اينديون رهيون ۽ وزير اعظم عمران خان وزيرن کي مافيا سان وڙهڻ جو ٽاسڪ ڏيئي ڇڏيو آهي . اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ، ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ ٻين وزيرن مافيا خلاف شڪايتون داخل ڪيون.فواد چوڌري چيو ته گاڏين جي مافيا گاڏين جي پاليسي جي خلاف آهي جڏهن ته اعظم سواتي ڪابينا کي سي ڊي اي ۽ آر ڊي اي ۾ ڪرپشن جي تفصيل ڏيئي ڇڏيا.وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي چيو ته هو ڪنهن دٻاءُ ۾ نه اچن هر قسم جي مافيا کي شڪست ڏيڻي آهي عمران خان چيو ته عوام هن مافيا سان وڙهڻ لاءِ حڪومت کي مينڊيٽ ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو