اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم لنڊن جو دورو ملتوي ڪرڻ بعد ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين بابت اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.وزيراعظم شهباز شريف قطر کان وطن واپسي تي هڪ اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا اختياريون وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرن جي بچاءَ ۽ رليف جي قدمن کان آگاهه ڪندا. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز جي ڌيءَ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي ۽ سندس حالت خراب آهي.










